بينا مسرور

بينا مسرور

بينا مسرور

بينا مسرور: بينا مسرور جو اصل نالو مهه جبين آهي، پر گهر ۾ ننڍي هوندي کان ئي کيس ’بينا‘ سڏيو ويندو هو ۽ اهو نالو ئي ادبي ۽ شوبز جي دنيا ۾ سندس سڃاڻپ بڻيو. سندس ور جو نالو بيدل مسرور آهي. ان ڪري هاڻي بينا مسرور جي نالي سان مشهور آهي. پاڻ 29 جنوريءَ 1958ع تي حيدرآباد ۾ پيدا ٿي. سندس والد جو نالو صلاح الدين احمد بلوچ آهي، جيڪو ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ جيل جي عهدي تان رٽائر ٿيو ۽ 1984ع ڌاري وفات ڪيائين. بينا جي تعليم انٽر تائين آهي. کيس ٽي پٽ ۽ هڪ ڌيءَ آهي. سندس ڀيڻ سحر امداد به سنڌي ٻوليءَ جي نامور شاعره آهي.
بينا، شاعريءَ جي شروعات 1977ع ڌاري ڪئي. گهڻو ڪري سندس نظم، آزاد نظم، نثري نظم ۽ ٽيڙو سنڌي زبان جي مختلف رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. سندس شاعري رومانوي به آهي ته سماجي مشاهدي جي عڪاسي ڪندڙ به آهي، سندس شاعريءَ جو ڪتاب ڇپائيءَ هيٺ آهي. بينا، شوبز جي دنيا جو آغاز 1976ع کان ڪيو. هن جو پهريون ڊرامو شمشيرالحيدريءَ جو لکيل، ستن قسطن جو سيريل ”منزل“ هو، جنهن ۾ هن ليکڪا جو ڪردار ادا ڪيو هو، جنهن کان پوءِ سندس ڪامياب ڊرامن جي هڪ طويل فهرست آهي، جن مان ڪي هي آهن: ’زندگيءَ جو زهر‘، ’فرمانبردار‘، ’سفر ۽ ساٿي‘، ’ماٺار‘، ’ڪيڏو ڪارونڀار‘، ’پيڙا‘، ’ناڪيلي‘، ’بري هن ڀنڀور ۾‘، ’موتئي جهڙو من‘، ’عيد ٿي وئي‘، ’فيصلو‘، ’خالي گهر‘، ’موت جا پاڇولا‘، ’لڙڪ لڙڪ زنجير‘ ۽ ’انت بحر‘.هن بيدل مسرور جي هدايتن هيٺ ڪيترن ڊرامن ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا آهن. مثال طور: ’رابطو‘، ’خوابن جو شهر‘، ’هار جيت‘، ’زندگي هڪ ڪن‘، ’اميد‘، ’مورت‘، ’ساڻيهه جي سڪ‘ ۽ ’دل ڪا معاملا‘ (اردو)، ’دل جي دنيا‘ ۽ مور اڏاڻا مور (سيريز). ڊرامن کان سواءِ، بينا ڪيترن ئي ٽي. وي پروگرامن جي ڪمپيئرنگ به ڪئي آهي ۽ هڪ ٻن اسٽيج ڊرامن ۾ به ڪم ڪيو آهي. بينا ٻه ڊراما پڻ لکيا آهن: ’نيلي‘ ۽ ’ٽوپو‘، جيڪي بيدل مسرور ۽ محمد بخش سميجي ڊائريڪٽ ڪيا آهن .


لفظ بينا مسرورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1958.01.29  عيسوي

بينا مسرور 29 جنوريءَ 1958ع تي حيدرآباد ۾ پيدا ٿي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

محمد عباس سومرو
سلطانه صديقي
راجا نند
علياڻي محمد ڄام
شيخ عمر شهاب الدين سهروردي
ايس آر راءُ
حافظ محمود اسعد هاليجوي
آصف پھوڙ گامون
گل محمد گاد
گل بيگ ٽنگڙي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون